شان اداڪار

شان اداڪار

شان اداڪار

شان (اداڪار): پاڪستاني فلم انڊسٽريءَ جي نامور اداڪار، ليکڪ، ماڊل ۽ هدايتڪار، شان جو اصل نالو ارمغان شاهد آهي. سندس جنم 27 اپريل 1971ع تي لاهور ۾ ٿيو. سندس والد رياض شاهد، پاڪستاني فلمن جو ناليوارو هدايتڪار ۽ ماءُ نيلو پنهنجي وقت جي بهترين اداڪاره رهي. جڏهن ته سندس چاچو فياض شاهد پاڪستان ٽيليويزن جو ناميارو ڪئمرا مين ۽ پروڊيوسر هو.
شان، انٽر تائين تعليم پرسٽيجئس ائٽڪسن ڪاليج، لاهور مان حاصل ڪئي، جنهن دوران ‘الف نون’ نالي هڪ سيريل ۾ مزاحيه ڪردار ادا ڪيائين. ائٽڪسن مان تعليم مڪمل ڪرڻ بعد نيويارڪ، آمريڪا جي نيوٽن هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو. جيتوڻيڪ ننڍپڻ ۾ کيس وڪيل ٿيڻ جو شوق هو ۽ اداڪاريءَ سان ڪا خاص دلچسپي نه هئس، پر ستن سالن بعد نيويارڪ مان واپس آيو ته پنهنجي فئملي بزنس رياض شاهد فلمز ۾ شامل ٿيو ۽ 19 سالن جي عمر ۾ پهرين فلم ‘بلندي’ ۾ مرڪزي هيري جو ڪردار ادا ڪيائين، جيڪو سندس سڃاڻپ بڻيو. سندس ٻين مشهور فلمن ۾ ‘سنگم’ (1997)، ‘نڪاح’ (1998)، ‘جنت ڪي مجاجن’ (2006)، ‘خدا ڪي ليي’ (2007)، ‘ظلِ شاهه’ (2009)، ‘جگني’ (2011) ۽ بلال لاشاريءَ جي هدايتڪاريءَ هيٺ ٺهيل فلم ۽ باڪس آفيس تي رڪارڊ بزنس ڪندڙ Waar (2013) کان سواءِ ‘شانِ عشق’ (2017) ۽ ‘ضرار’ (2017) شامل آهن. شان، هن وقت تائين بهترين اداڪار طور حڪومت پاڪستان طرفان پرائيڊ آف پرفارمنس اوارڊ (2007)، 15 نگار اوارڊ، 5 لڪس اسٽائيل اوارڊ، 4 نيشنل فلم اوارڊ ۽ 2011ع ۾ بيسٽ فلم هيرو طور پاڪستان ميڊيا اوارڊ حاصل ڪري چڪو آهي. هن آمنه نالي ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس چئن ڌيئرن جو اولاد آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1971.04.27  عيسوي

پاڪستاني فلم انڊسٽريءَ جي نامور اداڪار، ليکڪ، ماڊل ۽ هدايتڪار، شان جو اصل نالو ارمغان شاهد آهي. سندس جنم 27 اپريل 1971ع تي لاهور ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رحمت الله شيخ
جهامون ڀيو
روچيرام ڪامريڊ
چاچڙ حاجي شاهنواز خان
قاضي عبدالله سيوستاني
دليپ ڪوٺارِي
خير بخش مري نواب
امام بخش شمس
عباسي ايس ايم
ساره انصاري ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون